اي  آر ناگوري

اي آر ناگوري

اي آر ناگوري

اي. آر. ناگوري: اي. آر. ناگوري (عبدالرحيم ناگوري) 1938ع ۾ جهونا ڳڙهه ۾ جنم وٺندڙ واحد چترڪار آهي، جنهن سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن کي مصوريءَ جي جديد تقاضائن مطابق دنيا آڏو آندو. هو پنجاب يونيورسٽيءَ جي فائن آرٽس ڊپارٽمينٽ مان ماسٽرس ڪرڻ بعد اُتي ئي ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ ٻين ڪيترن ئي جڳهن تي آرٽ جو استاد رهڻ بعد هن 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ان وقت جي مثالي وائيس چانسلر غلام مصطفيَ شاهه جي اسرار تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فائن آرٽس شعبي جو بنياد وڌو. هو هن اداري جو سرگرم ۽ پهريون هيڊ آف ڊپارٽمينٽ هو ۽ هن جي ڪوشش سان علي نواز ڦلپوٽو ۽ مسرت مرزا بعد ۾ هن شعبي جا استاد مقرر ٿيا. اِهو ناگوري صاحب جو سنڌ جي آرٽ جي سکيا وٺندڙن لاءِ هڪ ناقابل فراموش ڪارنامو رهندو ته هن شعبي کي وڏي جاکوڙ ڪري جاري ڪرايو. هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن فنون لطيفه لاءِ سنڌ جي اُسرندڙ چترڪارن کي هن فن لاءِ هڪ اعليٰ درجي جي يونيورسٽي سطح جهڙي آرٽ جي اداري جي شديد ضرورت هئي.
هن وقت ناگوريءَ کي ملڪ جو سوشيو پوليٽيڪل آرٽسٽ مڃيو وڃي ٿو. گرنار جي پهاڙن تي هن جي ننڍپڻ جي پيرن جا نشان ڇڏيل آهن، جيڪا سر زمين صوفين بزرگن کان مشهور آهي. هن چترڪار پنهنجي شروعاتي دور جي منظر ڪشي، ڊيڪوريٽو،کليل، رنگن معرفت سان سينگاريل چترڪاريءَ جي موضوعن کي 1983ع ۾ الوداع ڪري پنهنجي فن کي هڪ نئون موڙ ڏنو. جنهن ۾ عالمي دهشتگردي هن انهن جي غربت مٿان باهوڙ، نسل ڪشي، وحشياڻي روين ۽ ٻين بين الاقوامي داداگيرين خلاف پنهنجي برش وسيلي رنگن سان مزاحمتي تاريخ لکي آهي. سنڌ لاءِ هن جون ٺاهيل پئنٽنگس، علامتي طور وڏيرا شاهي، حڪومت جي قاري قانون، ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آهن. هو امن لاءِ جاکوڙ ڪندي ميگهواڙن، ڀيلن، ٿر ۾ بک اڃ ۾ پاهه ٿيندڙ ماڻهن لاءِ ۽ سنڌ تي وقت جي سامراجي قوتن جي راتاهن خلاف پئٽنگس وسيلي اظهار ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.1938  عيسوي

اي . آر . ناگوري ( عبدالرحيم ناگوري ) 1938ع ۾ جهونا ڳڙهه ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صلاح الدين تنيو
روشن علي شاهه روشن
شاهجهان
رحيم بخش سومرو
قاضي محمد دائود ٽکڙائي
دليپ ڪوٺارِي
اقبال ترين
عبدالستار اسحاق حاجي
صفر نانگرو
پير شاهه قادري بديڻائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون